مستقبل ۾ مظلوم عوام ئي دنيا تي حڪمراني ڪندي: حسن نوريان

مستقبل ۾ مظلوم عوام ئي دنيا تي حڪمراني ڪندي: حسن نوريان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان چيو آهي ته مظلوم عوام ئي مستقبل ۾ دنيا جا حڪمران هوندا.ڪراچي ۾ ايراني قونصليٽ ۾ يوم القدس جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي حسن نوريان چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا بهتر ٿيڻ سان مسلمان قومن ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿيندي.هن چيو ته انساني حقن جون نام نهاد تنظيمون فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن تي خاموش آهن.تقريب ۾ سنڌ جي گورنر، وڏي وزير، وزيرن ۽ مذهبي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ انهن کان علاوه قطر، ڪويت، ترڪي، انڊونيشيا، ملائيشيا، عمان ۽ روس جي قونصل جنرلن به شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو