مستاني ناري قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ، هڪ جوابدار گرفتار

مستاني ناري قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ، هڪ جوابدار گرفتار

ٺل(عبدالنبي شيخ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ شهداد سهندڙو ۾ 24 ڏينهن اڳ قتل ٿيل مستاني ناري ماروي سهندڙو جي ڪيس ۾ پوليس پاران اهم اڳڀرائي ٿي آهي پوليس ڳوٺ شهداد سهندڙو تي چڙهائي ڪري جوابدار آزاد سهندڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پوليس پاران جاچ دوران ملوث 4 مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پوليس جون چڙهايون جاري آهن. صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي ٻڌايو ته ناري ماروي سهندڙو جي قتل واري واقعي جي ڏينهن کان وٺي مامري جي جاچ ڪري رهئاسون پوليس پاران ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪندي سوٽن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو،جنهن بعد هڪ جوابدار آزاد سهندڙو کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا آهن تمام جلد ناري جي سوٽن کي گرفتار ڪري حقيقتون سامهون آنديون وينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو