ديرا غازي خان(ويب ڊيسڪ) ٽريفڪ حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيوذريعن موجب وين ڊيرا غازي خان ۾ راکي گاج جي ويجهو کاهي ۾ ڪري پئي جنهن سبب 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي امدادي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا لاشين ۽ زخمين کي حادثي واري جاءِ تان ڪڍي انهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










