ڪراچي (رپورٽر) مني مزدا ايسوسيئيشن پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ۽ وڌيڪ ٽول ٽيڪس جي خلاف بابو صابو چوڪ تي اڄ صبح کان ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي.رات دير سان بابو صابو چوڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مني مزدا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شير علي ۽ نذير جٽ جو چوڻ هو ته حڪومت جي ٽرانسپورٽ مخالف پاليسي سبب بابو صابو چوڪ تي ڌرڻو هڻي رهيا آهيون.هنن مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي، ٽول پلازائن تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي وڃي ۽ جيڪي گاڏيون پڪڙيون ويون آهن انهن کي فوري طور تي ڇڏيو وڃي.مني مزدا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به مڪمل هڙتال هوندي ۽ اتي به مني مزدائون روڊن تي نه نڪرنديون.










