مريم لاهور کان دبئي رواني، سوئٽزرلينڊ وڃڻ جا امڪان

مريم لاهور کان دبئي رواني، سوئٽزرلينڊ وڃڻ جا امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز خصوصي جهاز جي ذريعي لاهور کان دبئي جي لاءِ روانو ٿي وئي آهي.ذريعن موجب مريم نواز پنهنجي تبديل ٿيل پروگرام جي تحت هاڻ لنڊن اچڻ جي بجاءِ سڌو سوئٽزرلينڊ پهچندي جتي جينيوا ۾ پنهنجو طبي معائنو به ڪرائيندي.ٻئي پاسي مسلم ليگ(ن) جو صدر نوازشريف لنڊن کان جينيوا لاءِ نڪري چڪو آهي، نوازشريف جينيوا ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان تقريبن 4 ڏينهن گذاريندو.مريم نواز پنهنجي گلي جو معائنو ڪرائيندي، پنهنجو علاج مڪمل ڪرائڻ کان پوءِ نوازشريف سان گڏ واپس لنڊن پهچندي جتي هو ڪجهه ڏينهن ترسندا.

پهنجو تبصرو موڪليو