لاهور (ويب ڊيسڪ)مريم اورنگزيب کي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب مريم اورنگزيب کي منصوبابندي ۽ ترقيءَ جو سينيئر وزير به بڻايو پيو وڃي ۽ کيس ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت واري وزارت به ڏني پئي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاظم پيرزاده کي آبپاشي ۽ عظميٰ بخاري کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڏني پئي وڃي.راڻا سڪندر حيات کي پرائمري تعليم، خواجا عمران نذير کي پرائمري هيلٿ، خواجا سلمان رفيق کي اسپيشلائيز هيلٿ، عاشق ڪرماڻي کي زراعت ۽ خليل طاهر سنڌو کي انساني حقن جو قلمدان ڏنو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته رميش اروڙ کي اقليتي معاملا، فيصل کوکر کي اسپورٽس، ذيشان رفيق کي ميونسپلٽي، سهيل ڀرڳڙي کي مواصلات، چوڌري شفيع حسين کي بزنس اينڊ انڊسٽري ۽ شير علي گرچاڻي کي مائنز اينڊ منرل جو قلمدان ڏنو ويو آهي.










