اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جي خاص مددگار عطا تارڙ اعلان ڪيو آهي ته لنڊن ۾ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سان بدتميزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته برطانيه ۾ مريم اورنگزيب سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪريان ٿو، مون درخواست تيار ڪئي آهي جيڪا اڄ گهرو وزارت کي جمع ڪرائيندس. هن چيو ته گهرو وزارت ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ جاري ڪندي آهي، اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن جا ڪيڪٽر سرٽيفڪيٽ به رد ڪيا ويندا. ريم جي غلط استعمال جو جواب
پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻن خلاف جيڪو رجحان هلي رهيو آهي اهو ناقابل قبول آهي، ان خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي، اهڙن ماڻهن جا پاڪستاني پاسپورٽ به رد ڪيا ويندا. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪارڪنن جي حوصلا افزائي ڪنداسين ته پوءِ توهان به گهرن مان نڪري نه سگهندا.










