مريض جي پيٽ مان چمچا،ڪانٽا،زيور ڪڍيا ويا

قاهره (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم ٻن ڪلاڪن جي آپريشن کان پوءِ هڪ ذهني مريض جي پيٽ مان چمچا، ڪانٽا ۽ زيورن سميت مختلف شيون ڪڍي ورتيون آهن.ميڊيا رپورٽ موجب المنصوره يونيورسٽي جي انتظام هيٺ طبي مرڪز ۾ هڪ 20 ساله نوجوان کي آندو ويو جنهن جي پيٽ ۾ سخت تڪليف جي شڪايت هئي.ضروري معائني ۽ ايڪسري جي نتيجي ۾ انڪشاف ٿيو ته مريض جي پيٽ ۾ باورچي خاني ۾ استعمال ٿيندڙ شين کان علاوه سون جون منڊيون ۽ زنجيرون به موجود آهن. مريض جو فوري طور تي آپريشن ڪيو ويو ۽ ان جي پيٽ مان 20 چمچن ڪانتن کان علاوه ڏندن جا 6 برش، سون جي هڪ منڊي کان علاوه ڪيتريون ئي زنجيرون ۽ عجيب وغريب شيون ڪڍيون ويون.ڊاڪٽرن جي ٽيم موجب مذڪوره نوجوان اهي شيون گذريل 6 مهينن دوران ڳهي ڇڏيون هيون. مريض جي ماءُ کي باورچي خاني جي ڪيترين ئي شين ۽ پنهنجي زيورن جي غائب ٿيڻ جي خبر هئي پر کيس اها خبر نه هئي ته اهي شيون سندس پٽ ڳهي ڇڏيون آهن. طبي ٽيم جي سربراهه جو چوڻ آهي ته آپريشن کان پوءِ مريض جي حالت هاڻ بهتر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو