اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت خلاف داخل سمورن ڪيسن جي رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد ۾ شير افضل مروت خلاف داخل ڪيسن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي.شير افضل مروت عدالت ۾ چيو ته توهان جي اڳوڻي حڪم باوجود پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ عدالت پهتي.ڊي ايس پي ليگل ساجد چيما چيو ته هن رپورٽ ۾ سموريون ايف آءِ آرز ڏنيون ويون آهن.جسٽس ارباب محمد طاهر ڊي ايس پي ليگل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻڌايو ته رپورٽ ۾ ڪيترين ايف آءِ آرز سيل ٿيل آهن؟ ڊي ايس پي صاحب، توهان وڃو ۽ سيل جي ايف آءِ آر جي ڪاپي وٺي اچو.جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته مروت صاحب توهان جو تعلق جنهن پارٽي سان آهي، جڏهن هو حڪومت ۾ هو ته به اهي ڪم ڪري رهيا هئا، ظلم ان وقت به ٿي رهيو هو، ظلم اڄ به ٿي رهيو آهي.شير افضل مروت چيو ته پنجاب پوليس کان ڪا به رپورٽ ناهي آئي.جنهن بعد عدالت آءِ جي پنجاب کي نوٽيس جاري ڪندي ڊي ايس پي ليگل کي سيل ٿيل ايف آءِ آر جي ڪاپي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.شير افضل مروت آزاد رياست جي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.










