جاتي(محمد صديق ٻارڻ ) مختلف تنظيمن پاران جاتي اسپتال ۾ سھولتون نه ملڻ خلاف اسپتال گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مرف اين جي اوز جي نااھلي جي ڪري مين گيٽ اڳيان شھري ايڪشن ڪميٽي نيشنل ٿھيم فائونڊيشن ايس ٽي پي اميرالبحر شھيد ڀٽو ۽ ٻين مختلف تنظيمن طرفان ڌرڻو ھنيو ويوـ جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي ۽ مرف اين جي اوز ۽ صحت کاتي سنڌ خلاف نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن جي ھٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ ھئا ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مرف اين جي اوز خلاف ڪاروائي ڪري جاتي جي غريب ماڻهن کي صحت جون بھتر سھولتون فراھم ڪيون وڃن جيڪو اسانجو بنيادي حق آهي ٻئي صورت ۾ اسان تعلقه اسپتال جاتي اڳيان بک ھڙتالي ڪيمپ تي ويھڻ تي مجبور ٿينداسين










