لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ مرغي جي گوشت جي اگهه ۾ هڪ ڏينهن ۾ 55 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن دوران مرغي جي گوشت جي قيمت ۾ 120 رپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي. ضروري شين سان گڏ مرغي جي گوشت جو اگهه به عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مرغي جي گوشت جي اگهه ۾ به تيزيءَ سان اضافو ٿيڻ بعد ان جو اگهه 600 رپين کان به مٿي ٿي ويو آهي.










