بوزداروڏا (ن س)بوزداروڏا ۾ اهلسنت جماعت ۽ ميلاد ڪاميٽي بوزداروڏا طرفان پهرين ربيع الاول آمد مصطفئ صلي الله عليه وسلم جي آمد جي حوالي سان نوراني جامع مسجد کان مولوي ظفر ميتلو امجد ٽانوري غلام مرتضئ سومرو جنسار ٽانوري جاني اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻارڙن پاران استقباله ريلي ڪڍي وئي جيڪا ناڪه چوڪ تائين سرڪار جي آمد مرحبا ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ بوزداروڏا شهر مرحبا جي نعرن جي گونج ۾ گونجي اٿيو ريلي روايتي رستن کان ٿيندي واپس جامع مسجد ۾ اختتام پذير ٿي










