ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ مرحوم پوليس آفيسر شاهد حيات کي مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ پنهنجي اپيل ۾ صحيح ڪاغذ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ٻڌڻي دوران وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ ڪيترائي جوابدار فوت ٿي چڪا آهن. عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪيس ۾ نامزد شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني، آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف فوت ٿي چڪا آهن.اپيل ڪندڙ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد مرحوم پوليس آفيسر شاهد حيات جي اپيل سان ڳنڍيل دستاويز پڙهڻ لائق نه آهن.عدالت اپيل سان صحيح دستاويز شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ وڪيلن جي درخواست تي اپيل جي ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.مرتضيٰ ڀٽو کي 1996 ۾ ڪراچي ۾ دو تلوار ويجهو هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو هو. واقعي ۾ ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.هڪ ڪيس حڪومت ۽ ٻيو مرتضيٰ ڀٽو جي خاندان پاران درج ڪيو ويو هو. ٽرائل ڪورٽ ٻنهي ڪيسن ۾ سڀني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو هو.










