مراسلي کي جلسن ۾ تماشو بڻايوويو؛ راڻا ثناءُ الله

مراسلي کي جلسن ۾ تماشو بڻايوويو؛ راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(بيورو)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سفارتي خط و ڪتابت کي جلسن ۽ جلوسن ۾ تماشو بڻائي قومي مفادن کي نقصان پهچايو پيو وڃي. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته عمران نيازي پروپئگنڊا ڪري عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪائي رهيو آهي، پاڪستان جا دشمن عمران نيازي جي طنز جو فائدو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته بني گالا ۾ ويٺل شخص مسلسل ”مان نه مڃان“ جو نعرو هڻي رهيو آهي، چونڊن ۾ خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته هو سياسي انتقام نه وٺندا پر عوامي وسيلن تي ٿيل ڦرلٽ جو حساب ضرور وٺندا.

پهنجو تبصرو موڪليو