مراد شاهه سان سفارتڪارن ۽ ٻين جون عيد ملاقاتون

مراد شاهه سان سفارتڪارن ۽ ٻين جون عيد ملاقاتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ عيد جي ٽئين ڏينهن سي ايم هائوس ۾ عوام سان عيد جون خوشيون ملھايون. وڏي وزير مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ اعليٰ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ کين عيد جون واڌايون ڏنيون. وڏي وزير پاڪستان پيپلز پارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ کين عيدالفطر جون واڌايون ڏنيون. ان موقعي تي آيل مهمانن کي روايتي مٺايون، چانهه ۽ مشروبات پيش ڪيون ويون.

وڏي وزير سان وزيرن مشيرن جي ملاقات بعد ورتل فوٽو

وڏي وزيرسان معروف اداڪار جاويد شيخ جي ملاقات

وڏي وزير سان چيف سيڪريٽري هٿ ملائيندي

وڏي وزير سان چيف سيڪريٽري هٿ ملائيندي

پهنجو تبصرو موڪليو