لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صوبائي وزير مراد راس جهانگير ترين سان ملاقات بعد ترين گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.مراد راس جهانگير ترين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ ملاقات ۾ جهانگير ترين جي گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. جهانگير ترين جي رهائشگاهه تي ٿيل ملاقات ۾ عليم خان به موجود هو.ٻئي طرف پاڪستان جي سينيئر سياستدان جهانگير ترين جي نئين سياسي پارٽي لاءِ وڌيڪ تجويز ڪيل نالا سامهون اچي ويا آهن.ذريعن موجب جهانگير ترين جي نئين سياسي پارٽي لاءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ جناح جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.










