ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ جي اڳواڻ مراد علي شاهه کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو وڏو بڻائڻ جو امڪان آهي، ذريعن ٻڌايو ته شروعاتي طور تي 14 رڪني سنڌ ڪابينا جوڙي ويندي، 2 مشير به شامل هوندا، واضح رهي ته عام چونڊن 2024ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي 130 سيٽن مان پيپلزپارٽي 84 ۾ سوڀ ماڻي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، 29 جولاءِ 2002ع تي سينيئر اڳواڻ مراد علي شاهه سنڌ جي ووزير جي عهدي جو حلف کنيو هو، 2018ع جي چونڊن ۾ به پيپلزپارٽي جي ڪاميابي کان پوءِ مراد علي شاهه کي وڏو وزير نامزد ڪيو ويو هو، 18آگسٽ 2018ع تي هن ٻيو ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کنيو هو، مراد علي شاهه پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1986ع ۾ واپڊا کان جونيئر انجنيئر طور ڪئي ۽ پهريون ڀيرو 2002ع جي عام چونڊن ۾ ڄامشورو جي تڪ پي ايس 73 مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ اهڙي طرح هن جو سياسي ڪيريئر شروع ٿيو.










