مذهبي جماعت جا ٽئين ڏينهن به ڌرڻا جاري

مذهبي جماعت جا ٽئين ڏينهن به ڌرڻا جاري

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان ٽئين ڏينهن به ڌرڻا جاري آهن. ڪجهه شهرن ۾ پوليس ڌرڻا ختم ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪرين جون رپورٽون آهن. جڏهن ته پوليس مختلف هنڌن جا روڊ کولرائي ڇڏيا آهن.تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علامه سعد رضوي جي گرفتاري کان پوءِ کان هينئر تائين  سڄي ملڪ جي مختلف هنڌن تي احتجاج ۽ ڌرڻا ٽئين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويا آهن. پر پوليس اختيارين موجب ملڪ جي مختلف علائقن مان احتجاج ختم ڪرائي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي.سيف سٽيز اٿارٽي لاهور موجب شهر ۾ ڪرول کهائي کان رنگ روڊ، بني چوڪ کان محمود بوٽي، رنگ روڊ، شنگهائي پل، ڪمايان روڊ، چونگي امر سدهو، بهٽه چوڪ، يتيم خانه چوڪ، مانگا منڊي، ملتان روڊ، نيازي شهيد روڊ، نيشنل هاءِ چوبنگ، موبڊنوال، مراڪه، موبڊسوال باءِ پاس کان احتجاج سبب بند آهي. ٻئي طرف ڊي سي لاهور جو چوڻ آهي ته ٽهوڪر نياز بيگ کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو اهي ۽ ملتان روڊ تي ٽريفڪ جي اچ وڃ جاري آهي. داتا صاحب، راوي پلي، والس چوج، محافظ ٽائون ۽ جوڙي پل کي به ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. چهره بازار، جي پي او چوڪ ۽ نوازشريف انٽر چينج کي به ڪليئر ڪرايو ويو آهي.راولپنڊي جي مختلف هنڌن تي به ٽي ايل پي جي مظاهرين جو احتجاج ۽ ڌرڻا جاري آهن.  ڪيترن هنڌن تي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪرين سبب ڪيترائي ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. لياقت باغ چوڪ تي پوليس طرفان  ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي. جڏهن ته مظاهرين به پوليس تي پٿراءُ ڪري رهيا آهن.مري روڊ تي چڪرين جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي ۽ ايس ايڇ او وارث خان، ياسر محمود عباسي سخت زخمي ٿي پيا آهن. راولپنڊي ميترو بس ٽريفڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي ۽ رينجرز ۽ مظاهرين ۾ سخت چڪريون جاري آهن. فورسز طرفان شيلنگ ۽ رٻڙ جي گولين جو استعمال ڪيو پيو وڃي. 

پهنجو تبصرو موڪليو