مدر چائلڊ هيلٿ ڪيئر بلاڪ جو افتتاح،جلد مڪمل ڪرڻ جو عزم

مدر چائلڊ هيلٿ ڪيئر بلاڪ جو افتتاح،جلد مڪمل ڪرڻ جو عزم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پي پي ايڇ آءِ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين فضل الرحمان ملير جي سرڪاري اسپتال ۾ مدر چائلڊ هيلٿ ڪيئر بلاڪ جو افتتاح ڪيو. مدر چائلڊ هيلٿ ڪيئر جي افتتاحي تقريب ۾ ميمبر بورڊ ڊاڪٽر سليمان شيخ ، ميمبر بورڊ پي پي ايڇ آءِ نذر ميمڻ، سي اي او سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڊاڪٽر احسن قوي، سي اي او پي ايڇ آءِ جاويد علي جاگيراڻي، چيف آپريٽنگ آفيسر پي پي ايڇ آءِ رياض حسين راهوجو، ڊي ايڇ او ملیر ڊاڪٽر امداد چنہ ، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن پي پي ايڇ آءِ شوڪت لاکو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پي پي ايڇ آءِ ڊاڪٽر ساجد شفيق، انجنيئر پي پي ايڇ آءِ اسدالله ڏاهري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين فضل الرحمان چيو ته ايم ايڇ سي بلاڪ 32 بسترن تي مشتمل آهي. جنهن کي جلد 50 بسترن تائين مڪمل ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ چيو ته هي عمارت غير فعال ٿي رهي هئي عمارت کي جديد سهولتن سان آراسته ڪيو ويو آهي. بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ملير سميت مختلف اسپتالن کي 17 ايمبولينسون ڏنيون پيون وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو