پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.هي درخواست پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري علي اصغر پاران داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ جو حق آهن.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ کي نه ٻڌو ويو، مخصوص سيٽن جي معاملي تي پشاور هاءِ ڪورٽ کي گمراهه ڪيو ويو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي 13 ۽ 14 مارچ 2024 جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ۽ درخواستگذار کي مخصوص سيٽن جو ڪيس وڙهڻ جو حق ڏنو وڃي.پي ٽي آءِ درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آهي.










