مختيارڪار جو ظلم، ريڙھو ھلائيندڙ مزدور مٿان 500 جو ڏنڊ،احتجاج

گمبٽ( ن س)گمبٽ ۾ ريڙھو ھلائيندڙ مزدور الياس جو مختيارڪار گمبٽ صلاح الدين گھمرو جي ناجائزن خلاف احتجاج خبر موجب :گمبٽ ۾ريڙھو ھلائيندڙ مزدور الياس جو مختيارڪار گمبٽ صلاح الدين گھمرو جي ناجائزن خلاف احتجاج مزدور الياس صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته مختيارڪار گمبٽ کي فري ۾ ٽماٽا نه ڏيڻ تا مختيارڪار مون تي ڏمرجي پيو ۽ پنج سئو رپيا ڏنڊ ھڻي ڇڏيائين مزدور الياس جو وڌيڪ چوڻ آھي مان ريڙهو هلائي روز 300 رپيا ڪمائي ٻچن جو گذر سفر ڪندو آھيان مختيارڪار مون تي ڇاپو هڻي 500 رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو آھي جڏهن ٽماٽا 300کان 400 رپيا هلي رهيا هئا ته انتظاميه اگھور ننڊ ستل هئي. هاڻي جڏهن ٽماٽا 30/40 رپيا ڪلو آهن ته انتظاميه با اثرن کي ڇڏي اسان غريب مسڪين ريڙهي وارن تي ڏنڊ جي سزا ڏئي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪري ٿي مختيارڪار گمبٽ صلاح الدين گھمري جي ڏنڊ هڻڻ جي ڪري مان معصوم ٻچڙن لاءِ 2.ڪلو اٽو به نه وٺي سگهيو آهيان ڪلھ کان منهنجا معصوم ٻارڙا بک تي آهن هن ڊي سي خيرپور شرجيل نور چنا صاحب ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مون کي 500 سئو رپيا واپس ڪرائي ڏنا وڃن ته جيئن مان ٻچڙن لاءِ اٽو وٺي سگهان

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو