مختلف شهرن ۾ فصلن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڪ پاسي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي ته بئي پاسي واهن ۽ شاخن ۾ فصلن لاءِ پاڻي جي قلت آهي، متاثره علائقن جي ماڻهن احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. مٽياري مان رياض چانڊيو موجب پبلڪ هيلٿ مٽياري جي نااهلي ۽ هٺ ڌرمي سبب مٽياري شهر ۾ پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي ۽ مٽياري شهر جا 70 سيڪڙو شهري پوئين هڪ مهيني کان پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان ٿي ويا آهن. شهر جي مک واٽر سپلائي اسڪيم جي تلائن جي صفائي ۽ مرمت جو ڪم ڊسمبر جنوري جي وارابندين ۾ ڪرائڻ بجاء هينئر سخت گرمين ۾ ڪرايو پيو وڃي ان کان علاوه واٽر سپلائي اسڪيم کي پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر ڪورس کي پڻ هينئر پڪو ڪيو پيو وڃي جنهن سبب سخت گرمين ۾ پبلڪ هيلٿ جي نااهلي سبب شهري پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپي رهيا آهن.

*** لاکا روڊ مان اظھر جلباڻي مطابق نئون آباد شاخ جي پڇڙي ۾ رهندڙ ابادگارن جو احتجاج، ڳوٺ محمد دائود لاکو  ڳوٺ نبي بخش لاکو  ڳوٺ حاجي پيارو مري  ڳوٺ محمد علي لاکو مختلف ڳوٺ جي ابادگارن  جنهن ۾ محمد عظيم لاکو حاجي پيارومري محمد علي لاکو ۽ماجدعلي مري سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته پڇڙي جي 1300 سوءّ ايڪڙ زمين  گذريل 10 سالن کان غير آباد ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري هتان جا نوجوان مختلف سماجي براين ۾ وٺجي ويا آهن. منڍ جا زميندار ۽ ايريگيشن عملدار ملي ڀڳت ڪري پاڻ جي چوري ڪري رهيا آهن غير قانوني نوليون مانڊول جا فريم هٿرادو ونجهون هڻي رهيا آهن انهي ڪري نئون آباد جي پڇڙي بنجر ٿي وئي آهي.*** شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ موجب سيف الله مگسي ڪينال ۽ ايس ڪي ٽي برانچ ۾ پاڻي کوٽ برقرار آهي، جي ڊي اي اڳواڻ مظفر بروهي، بئريسٽر اختر حسين جبار ۽ آبادگارن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي پاران سيف الله مگسي ڪينال ۽ ايس ڪي ٽي برانچ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڳري رشوت عيوض بااثر آبادگارن ۽  بلوچستان جي آبادگارن کي کپائي ڏيئن ٿا جنهن ڪري شهدادڪوٽ ، قبوسعيد خان ۽ سجاول جوڻيجو جي مختلف شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي. هنن چيو ته 3 ڏينهن اڳ لڳل احتجاجي ڌرڻي بعد انتقامي ڪاروائي شروع ڪندي آبادگارن جي قانوني واٽر ڪورسن کي غير قانوني ڄاڻائي سيل ڪيو پيو وڃي جيڪا سندس ناانصافي آهي ، هنن اعلان ڪندي چيو ته اگر ٻن ڏينهن ۾ پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته شهدادڪوٽ ۽ قبوسعيدخان ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريليو ڪڍيون وينديون هنن مطالبو ڪيو ته سيف الله مگسي ڪيئنال ۽ ايس ڪي ٽي برانچ مان پاڻي جي چوري کي روڪڻ لاء رينجرس مقرر ڪري پاڻي چوري ۾ ملوث جوابدارن ۽ آبپاشي عملدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا وڃن.*** ماتلي مان عبدالرزاق پنهور موجب امام واھ جنوبي ۾ پاڻي نه ڏيڻ خلاف ماتلي اتحاد جي صدر محمد رفيق ميمڻ , علي اڪبر اڊيجو , محمد  علي محمد اڊيجو جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن پاران  ماتلي بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايس ڊي او ايريگيشن امتياز ابڙو ۽ داروغو احمد خان نظاماڻي بااثر شخص  سان ملي ڪري  سوين ننڊن آبادگارن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان هڪ ته اسان پوکي نه ڪري سگهيا آھيون ۽ ٻيو ته اڳ پوکيل  فصل پاڻي نه اچڻ ڪري سڪي تباھ ٿي ويا آهن جڏھن ته ايريگيشن عملو پنهنجا کيسا گرم ڪري رهيو آھي ادان ڪيترائي دفعا شڪايت ڪئي پر اعلئ اختيارين ڪوبه نوٽيس نه ورتو. اڳواڻن وزير آبپاشي کان مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او ايريگشن امتياز ابڙو ۽  داروغو احمد خان نظاماڻي  خلاف ڪاروائي ڪري ننڊن آبادگارن کي فاقا ڪشي کان بچايو وڃي.*** سترموري مان لال بخش سٺيو موجب پاڻي جي کوٽ ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف سياسي انتقامي ڪارواين خلاف ملاڪاتيار۾ پ پ يوسي ملاڪاتيار جي صدر انور ڀٽو جنرل سيڪريٽري الله بخش حاجاڻو جي اڳواڻي ۾ سوين پي پي جيالن جي احتجاجي ريلي ۽ حڪومت خلاف سخت نعري بازي ۔

احتجاجي ريلي م پ پ ضلعي صدر ايم پي اي سيد اعجاز شاه بخاري جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومري  پ پ ضلع نائب صدر سيد ڪشف الحسين شاه ڊاڪٽر محمد ايوب جت نظير احمد جلالاڻي يوسي چيرمين ملاڪاتيار  شبير شاه يوسي کوکر جي چيرمين سيد وقار شاه نصرالله سومرو ڪونڌر ڀٽو ولي محمد ترڪ ڍولڻ سوناري ستار سولنگي سميت سوين جيالن ڀرپور شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو