محمد خان ڀٽي پاران عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل

محمد خان ڀٽي پاران عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل

لاهور (يب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي دور ۾ سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي جو عهدو سنڀاليندڙ محمد خان ڀٽي لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي.محمد خان ڀٽي طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪيس سياسي بنيادن تي داخل ڪيو ويو، رمانڊ دوران ڪجهه به ناهي مليو.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي، وڌيڪ جاچ جي ضرورت ناهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت گرفتاري بعد ضمانت واري درخواست منظور ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو