جان محمد سوسائٽي (ن سنڌيار)جان محمد سوسائٽي ۾ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش پاران يوسي قاضي بادل مهر جي مختلف ڳوٺن راضو مهر ،نباهو چاچڙ بهاول جسڪاڻي، ملڻ مهر، ميرڻ دڙو سميت ٻين ڳوٺن جا دوران ڪري تعزيتون ۽ گڏجاڻيون ڪرڻ بعد ڳوٺ قاضي بادل مهر ۾ ڊاڪٽر ثناء اللّه مهر جي راهشگاھ تي پهتو جتي سندس استقبال گلن جي ورکان سان ڪيو جتي آيل ڪيترن ئي علائقي جي معزز ماڻھن جنهن ۾ آرائين برادري چاچڙ برادري ملڪ برادري شيخ براردي مهر برادري سيد برادري سومرا برادري سميت ٻين برداري جي ماڻھن سان گڏجاڻي ڪري يوسي قاضي بادل مهر تي پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاء علائقي واسين سان گڏجاڻي ڪئي انهي موقعي تي پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته پ پ هڪ سمنڊ آهي جيڪا پوري سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ مخالفن کي شڪست ڏسڻي پوندي ڊاڪٽر ثناء اللّه مهر حاجي حبيب اللّه مهر پاران آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر سان حاجي زبردست خان مهر ايڊووڪيٽ قاضي شير محمد مهر، ڊاڪٽر ثناء اللّه مهر حاجي حبيب اللّه مهر ،اڳوڻو يوسي ناظم حاجي خير محمد مهر،منشي وسند مھر،منشي سھراب مھر،غلام ياسين مھر سميت ٻيا ساڻس گڏ هئا










