لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي نگراني ۾ محرم الحرام لاءِ فول پروف سڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي.پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته پنجاب ۾ سيڪيورٽي لاءِ 1 لک 94 هزار 86 اهلڪار ۽ رضاڪار مقرر آهن.فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته مرڪزي جلوسن جي ڊرون ڪيمرائن جي مدد سان نگراني ڪئي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي وڏي وزير صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کي ضلعن ۾ ذميواريون ڏنيون آهن.فياض چوهاڻ اهو به چيو ته موبائيل سروس جي معطلي سڪيورٽي پلان جو حصو آهي، گستاخانه مواد جي نشريات تي صفر برداشت جي پاليسي هوندي.










