گهوٽڪي (ن س)محرم الحرام دوران ضلعي گهوٽڪي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جو فيصلو، مجلسون توڙي جلوس مقرر وقت ۽ روٽس تي منعقد ڪرڻ جي هدايت، ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪرائڻ جو عزم، ضلعي امن ڪاميٽي کي فعال ڪيو ويندو. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سندس آفيس ۾ اهم گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نواب سمير لغاري، ای ایس پي سيد عبدالرحمان، ڊي ايس آر رينجرز 93 ونگ محمد شفيق سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي.ايس.پي موٽروي پوليس، ڊي ايڇ او، سيپڪو ۽ ميونسپل کاتي جي آفيسرن توڙي مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته عاشورن دوران امن و امان برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا ان سلسلي ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏبي، ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ توڙي شرپسند عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو مقصد مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن جا مسئلا معلوم ڪري حل ڪرڻ آهي ته جيئن عاشورن دوران ڪنهن به قسم جو اڻوندڙ واقعو پيش نه اچي ڇو ته اسلام محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو انڪري اسان سڀني جو فرض آهي ته اسان پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪري پنهنجون مذهبي ذميواريون ادا ڪريون ۽ ننڍن ننڍن مسئلن کي حل ڪري هڪٻئي جي جذبن جو احترام ڪريون ته جيئن ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿئي ۽ ملڪ دشمنن جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملي وڃن. هن چيو ته عاشورن دوران ضلعي انتظاميه جي اجازت کان بغير لائوڊ اسپيڪر استعمال نه ڪري سگهبو جڏهن ته غلط استعمال توڙي اسلحي جي نمائش تي مڪمل پابندي هوندي انڪري ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪيو وڃي ته جيئن عاشورا امن و امان سان گذري وڃن. ڊپٽي ڪمشنر مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن کي اپيل ڪندي چيو ته عاشورن دوران افواهن تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪنهن به اڻوندڙ واقعي يا اطلاع جي صورت ۾ صبر جو مظاهرو ڪندي فوري طور تي ضلعي انتظاميا سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري سگهجي جڏهن ته ماتمي جلوس ۽ مجلسون مقرر ڪيل روٽن ۽ وقت موجب منعقد ڪيون وڃن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پي ٽي سي ايل ۽ سيپڪو جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي لوز تارن جي مرمت ڪن ۽ غيراعلانيل لوڊشينگ کان پاسو ڪيو وڃي، هن سمورن ايڊمنسٽريٽرن /سي ايم اوز کي پڻ هدايت ڪئي ته اسٽريٽ لائيٽ، واٽر سپلائي، ڊرينيج ۽ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ مين هولن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي هن ڊي ايڇ او کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته سمورين اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊڪ اسٽاف توڙي ايمبولينسن کي الرٽ رکيو وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي خان ڳالهائيندي چيو ته سمورن عالمن کي گهرجي ته هو ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪن ته جيئن ضلعي ۾ امن و امان برقرار رهي. هن ٻڌايو ته ضلعي ۾ ڪل 596 مجلسون برپا ٿينديون ۽ 81 ماتمي جلوس نڪرندا جن جي سيڪيورٽي لاءِ 3 ھزار جي لڳ ڀڳ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار فرض ادا ڪندا. ان موقعي تي مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن ضلعي انتظاميه کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.










