اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار ۽ نون ليگ جي سينيئر اڳواڻ رانا ثناءُ الله چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻهو انهن ئي مجاهدن جهڙا آهن جن کي ماضي ۾ اسان پاڻ تربيت ڏني هئي پر اهي هاڻي اسان جي ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن. هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله انڪشاف ڪيو ته اهي ساڳين تنظيمن جا ماڻهو آهن جن وٽ جديد هٿيار موجود آهن، سندن ڪو به سياسي مطالبو ناهي پر اهي معصوم ماڻهن کي انساني ڍال بڻائي پنهنجي راند کيڏڻ چاهين ٿا. هن واضح ڪيو ته اهڙي صورتحال ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران جيڪو به سخت ايڪشن ورتو ويو آهي يا ورتو ويندو، ان کان علاوه حڪومت وٽ بدامني کي روڪڻ جو ٻيو ڪو به رستو نه بچيو آهي.










