اسلام آباد(بيورو)صحت جي قومي اداري (اين آءِ ايڇ) موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.88 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 16 هزار 755 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 650 مثبت ڪيس سامهون آيا.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 138 ڪورونا مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 مريض فوت ٿي ويا.










