متحد ۽ رابطي ۾ رهو، ترين جو لنڊن روانگي کا اڳ پيغام

متحد ۽ رابطي ۾ رهو، ترين جو لنڊن روانگي کا اڳ پيغام

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جهانگير ترين طبي معائني لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو آهي. جهانگير ترين جو هڪ هفتي تائين لاهور جي خانگي اسپتال ۾ علاج ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هو طبي معائني لاءِ ڇنڇر ڏينهن لنڊن روانو ٿي ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين هڪ هفتو لنڊن ۾ رهندو. ذريعن موجب جهانگير ترين پنهنجي گروپ کي پيغام موڪليو آهي ته هو ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ لنڊن وڃي رهيو آهي ان ڪري کين متحد ۽ رابطي ۾ رهڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهم حڪومتي شخصيتن ساڻس رابطو ڪري وزيراعظم عمران خان سان ملاقات جي صلاح ڏني هئي جنهن بعد هو پرڏيهه هليو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو