ٽنڊو غلام حيدر (ميرحسن رند) ٽنڊو غلام حيدر مبارڪ واه جي پوڇڙ ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ فصل سڪي سڙي تباهه ٿي ويا مسڪين آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان انتظاميه پوڇڙ جي آبادگارن لاء پاڻي ٽيل ڪرائڻ ۾ ناڪام جنهن سبب آباد زمينون بنجر بڻجي ويون .

ساريال جي پوکيل فصل ۽ هائيبرڊ ٻج کي وقت تي پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. پوڇڙ جي آبادگارن کمن لاکو؛ علي نواز چانگ؛ دادن لغاري؛ يوسف چانگ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مبارڪ واهه تي مقرر ايريگيشن عملو هٿرادو پاڻي بند ڪرائي اسان پوڇڙ جي مسڪين آبادگارن جو پوکيل فصل سڪائي رشوت طلب ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته سوين ايڪڙن تي مشتمل آباد زمينون پاڻي جي قلت سبب بنجر ۽ ڪلراٺيون ٿي رهيون آهن پوڇڙ جي آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آبپاشي کاتي سان لاڳاپيل داروغو ۽ بيلدار جي چوڻ مطابق ايريگيشن انجنيئر ايس ڊي او پاڻي گهٽ ڪرائين ٿا. هنن آبپاشي وزير کان مطالبو ڪيو ته هو نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪري تباهي کان بچائي.










