مبارڪ ثاني ڪيس ۾ پنجاب حڪومت جي درخواست مقرر

مبارڪ ثاني ڪيس ۾ پنجاب حڪومت جي درخواست مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ مبارڪ احمد ثاني ڪيس ۾ فيصلي جا ڪجهه حصا خارج ڪرڻ بابت پنجاب حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين مقرر ڪري ڇڏي، پنجاب جي پراسيڪيوٽر جنرل طرفان داخل ڪيل درخواست کي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ڪيو ويو،درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه معروف عالمن ۽ پارليامينٽ ميمبرن وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري فيصلي جي ڪجهه حصن کي اجاگر ڪيو وڃي جيڪي اصلاح جا مستحق آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو