اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي ڇڏڻ وارن بابت سوال تي ردعمل ڏنو آهي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته سندس پارٽي مان مسرت چيما ۽ جمشيد چيما پارٽي ڇڏي رهيا آهن، جنهن تي عمران خان چيو ته هو پارٽي نه ڇڏي رهيا آهن، انهن کي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مون کي پنهنجي پارٽي جي عورتن جي گرفتاري تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.










