ماڪڙ جي تباهي، ڊي سي کي اسپري ڪرائڻ جي اپيل

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) ڇاڇرو کانپو ڪلوئي ۾ به ماڪڙ پهچي وئي، تعلقي جي مختلف علائقن ڍوڍارو، ستون ميل، اوطاق ارباب فيض محمد ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ وڏي تعداد ۾ پهچي وئي آهي. جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل کي کائي ناس ڪري رهي آھي. ان سلسلي ۾ هتي جي زميندارن سليمان هالو ، ستار نهڙيو، هاشم هالو ، ربنواز شوڪت، احمد ۽ ٻين صحافين سان گالهائيندي چيو ته اسان لکين روپيا دڪاندارن کان اوڌر کڻي فصل پوکياسين پر اوچتو ماڪڙ جي حملي سبب سخت پريشان ٿي ويا آھيون هنن چيو ته هن وقت تعلقي ڪلوئي جي مختلف علائقن ۾ هزارين ايڪڙن تي ٽماٽو گدرو گوار ٻاجهر ۽ ٻيو قيمتي فصل بيٺل آھي جنهن کي ماڪڙ تيزي سان کائي رهي آھي. هنن ڊي سي ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي ته هو فوري طور اسپري جو بندوبست ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو