ٿر ۾ به ماڪڙ جو فصلن تي حملو آبادگار پريشان

چيلهار(ساجد نهڙيو) چيلهار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ڀوريلو، دلن جو تڙ، اڪليون، کوڙپيون ۽ ٻين ڳوٺن جي ڀرسان آباد ڪيل ٻنين تي ماڪڙن حملو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري مسڪين ماروئڙون پچي راس ٿيل فصل تباه ٿيڻ لڳو پاڪستان ۽ ڀارتي سرحدي علائقن مان آيل ماڪڙن فصلن کي وڏو نقصان پهچائي ڇڏيو ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته گذريل وڏي وقت کان پيل ڀلي وسڪاري مان سٺي فصل تيار ٿي چڪو ۽ اميدون هنيون تي هيل سمورو کنيل قرض به ڀري ڇڏينداسين پر فصلن تي وڏي وڏي تعداد ۾ ٿيل ماڪڙن جي حملي سموريون اميدون مٽي ۾ ملائي ڇڏيون آهن پر انتظاميه اڃان تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي هنن مطالبو ڪيو آهي ته اسپري لاء جلد ٽيمون موڪليو وڃن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو