اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي وئي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اي ٽي سي جج راجا جواد عباس جي عدالت ۾ پيشي تي عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوٿا ٻڌايو ته عمران خان اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 9 ڪيسن ۾ پيش ٿي رهيو آهي.وڪيل نعيم پنجوٿا چيو ته عمران خان 12:30 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو، ڪيس جي ٻڌڻي 2:30 تي ٿيندي.عمران خان جي وڪيل چيو ته عمران خان کي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ سيڪيورٽي خدشا آهن، اي ٽي سي ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين ملتوي ڪئي وڃي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته جوڊيشل ڪمپليڪس جي دروازي مان گذرڻ کانپوءِ عمران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڃي ٿو.جج طنز ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان ائين چئو ته مان پنهنجو اسٽاف عمران خان جي استقبال لاءِ موڪليندس.جج چيو ته عمران خان اي ٽي سي ۾ آيو ته ضمانت ۾ واڌ ڪئي ويندي.پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته عمران خان جي ضمانت ۾ اڳ ۾ به واڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪئي وئي هئي، جيڪڏهن هو پيش نه ٿيو ته حاضري کان ڇوٽ ۽ ضمانت ۾ واڌ جي درخواست رد ڪئي وڃي.اي ٽي سي جج پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اڃا تائين عمران خان کي نه پڪڙيو آهي.جج راجا جواد عباس چيو ته حڪومت وٽ سئو عذر آهن، جيڪڏهن توهان انهن کي گرفتار ڪرڻ چاهيو ٿا ته ميانوالي ۾ ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي.اي ٽي سي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










