ممبئي (ويب ڊيسڪ ) هندستاني اداڪاره ريم شيخ شادي تي پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.ريم شيخ تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ تي مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن مختلف موضوعن تي بحث ڪيو.پوڊ ڪاسٽ جي ميزبان هن کان سوال پڇيو، “ڇا شيون پيچيده ٿي وينديون جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻئي مذهب جي مرد سان پيار ۾ پئجي وڃو؟اداڪاره هن سوال جو جواب تمام واضح طور تي ڏنو ۽ چيو ته مان اهو نه ڪري سگهندس ڇاڪاڻ ته مان هڪ تمام گهڻي مذهبي شخص آهيان. هن چيو ته مان ڏينهن ۾ 5 ڀيرا نماز پڙهندي آهيان ۽ هاڻي مون روزا به رکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، تنهن ڪري مون کي نه ٿو لڳي ته مان ڪنهن ٻئي مذهب جي مرد سان شادي ڪري سگهندس.ريم شيخ چيو ته جڏهن به مون کي زندگي ۾ مشڪلاتون درپيش اينديون آهن ته مان سڀ کان پهريان الله کان مدد گهرندي آهيان، مان پنهنجي زندگي ڪنهن اهڙي شخص سان نه گذاري سگهندس جيڪو الله تي يقين نٿو رکي.هتي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اداڪاره هڪ اهڙي خاندان سان تعلق رکي ٿي جتي سندس ماءُ هندو آهي ۽ سندس پيءُ مسلمان آهي.ريم شيخ ننڍي عمر کان ئي ٻن مختلف مذهبن کي تمام ويجهو کان ڏٺو ۽ سڃاتو آهي، شادي تي سندس واضح موقف زندگي ۾ سندس انفرادي سفر کي ظاهر ڪري ٿو ۽ هاڻي هوءَ پاڻ اسلامي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.










