بنون (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان پنهنجي حدن ۾ رهه، اڃا جميعت وارا جيئرا آهن، اسان اوهان لاءِ زمين ايتري گرم ڪري ڇڏينداسين جو يوٿيا ان زمين تي پنهنجا نرم پير نه رکي سگهندا بنون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان عمران خان سان مخاطب ٿيندي چيو ته تنهنجِي اقتدار ۾ اچڻ وارِي خواهش نه ٿيندي فضل الرحمان چيو ته قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو حق آهي، اُهو عدالت جو ڪم ناهي، شهباز شريف غير ضروري شرافت ڏيکاري رهيو آهي پي ڊي ايم سربراهه وڌيڪ چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ ۾ دير ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ فضل الرحمان چيو ته اسان آئين ۽ ملڪ سان گڏ بيٺل آهيون اهو اسان جو ڏوهه آهي شهري جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ رياست جو ڪم آهي اسان ملڪ جي سياسي استحڪام لاءِ ڪم ڪيو آهي اسان ادارن جي سخت فيصلن سان اختلاف پڻ ڪيو عمران خان ملڪ کي تباهه ڪرڻ واري ايجنڊا تي آيو هو عمران خان ملڪ کي ٽن ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي عمران خان پنهنجي حدن ۾ رهي، جمعيت اڃا زندهه آهي عمران خان حڪومت جو خاتمو ملڪي بقا لاءِ اڻٽر هو ، پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عمران خان ٻڌائي ته هو ڪنهن جي خلاف جهاد ڪري رهيو آهي قانون ٺاهڻ جو حق پارليامينٽ کي آهي عدالت کسي نٿي سگهي شهباز شريف غير ضروري شرافت ڏيکاري رهيو آهي عمران خان ادارن تي حملا ڪيا ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي حڪيم ثناءُ الله کي جاڳايو، ڪيترائي ڪيس پيا آهن اسان ادارن کي معزز ۽ طاقتور ڏسڻ چاهيون ٿا نيب قانون تحت پاڪستان جو هر شهري ڏوهاري آهي نيب ذريعي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا نيب ذريعي سياستدانن کي تذليل ڪئي پئي وڃي جمعي ۽ آچر تي سڄي صوبي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ، پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان چيو آهي ته اسان سزائون ڪاٽيون آهن ۽ جيل به ڀوڳيا آهن اڄ به اسان جي ديني مدرسن تي رياستي ادارن جو قبضو آهي ديني مدرسي کي دهشتگردي جو مرڪز چيو پيو وڃي اسان کي دهشتگرد به چيو پيو وڃي ٿو ته وري سهڪار به گهريو پيو وڃي رياستي ادارا چاهين ٿا ته اسان جا ڪارڪن جذباتي ٿي هٿيار کڻن










