مانيڪا تشدد ڪيس ۾ پي ٽي آءِ وڪيل جي ضمانت منظور

مانيڪا تشدد ڪيس ۾ پي ٽي آءِ وڪيل جي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خاور مانيڪا تشدد ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيل فتح الله برڪي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا فتح الله برڪي جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.وڪيل صفي رياست علي چيو ته وڊيو ڏسو فتح الله برڪي اڪيلو آهي، مٿس قتل جي ڪوشش جا به الزام آهن، ڪو ثبوت ناهي.وڪيل چيو ته خاور مانيڪا سان پرائيويٽ ماڻهو هئا، پوليس موجود نه هئي، خاور مانيڪا جي نه پر پوليس شڪايت ۾ ڪيس به داخل ڪيو ويو.رياست جي وڪيل علي محمد جو چوڻ آهي ته ٻين جوابدارن جي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي، فتح الله برڪي جي به ضمانت ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو