ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي پاليسي ريٽ (وياج جي شرح) 11.50 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گورنر جميل احمد چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري آهي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ، مٽاساٽا واري ناڻي جي ذخيرن، پرڏيھين طرفان اماڻايل ناڻي ۽ برآمدات بابت معاشي انگ اکر به مثبت رخ اختيار ڪري رهيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي متفقه طور پاليسي ريٽ کي موجوده سطح 11.50 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن ٻڌايو ته گذريل سالن دوران مهانگائي ۾ مسلسل گهٽتائي جو رجحان رهيو آهي، جڏهن ته جولاءِ کان فيبروري تائين سراسري مهانگائي 5.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. گورنر موجب، مالي سال 2026ع دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 ڪروڙ 90 لک ڊالر رهيو، جڏهن ته مالي سال 2027ع ۾ اهو خسارو مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي حساب سان ٻڙيءَ کان هڪ سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. جميل احمد چيو ته ڊسمبر 2026ع تائين پرڏيھين طرفان موڪليل ناڻو 20.20 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي. هن چيو ته عالمي معاشي چئلينجن باوجود برآمدات ۽ اوورسيز پاڪستانين جون موڪليل رقمون معيشت لاءِ اهم سهارو بڻيل آهن، جڏهن ته حڪومتي قدمن سبب ايندڙ مالي سال دوران برآمدات ۾ وڌيڪ بهتري جي اميد آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽن ۾ گذريل چئن مهينن کان هر مهيني لڳ ڀڳ 30 ڪروڙ ڊالر جمع ٿي رهيا آهن، جيڪو سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت آهي. گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال دوران درآمدن ۾ واڌ جو امڪان آهي، پر ان سان گڏ پرڏيهي ناڻي جا وهڪرا پڻ بهتر رهندا. هن چيو ته سڀني پرڏيهي ادائيگين باوجود پاڪستان پنهنجي زرِمبادله جي ذخيرن ۾ اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته مالي سال 2027ع دوران ملڪ کي 21.5 ارب ڊالر جي پرڏيهي قرضن جي ادائيگي پڻ ڪرڻي آهي.










