ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. مرڪزي بئنڪ سود جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب 30 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويا آهن، پرڏيهي کاتي جي صورتحال بهتر ٿي آهي.جميل احمد چيو ته 2022ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17 ارب ڊالر هو.هن چيو ته مهانگائي جو دٻاءُ اڃا به برقرار آهي، مهانگائي تي توانائي جي قيمتن جو اثر اهم آهي.گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رهندي، مارچ ۾ شرح سود جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.هن چيو ته هلندڙ مالي سال مهانگائي 23 کان 25 سيڪڙو رهندي جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي ڊي پي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو رهندي، صنعتي ۽ زرعي ترقي سان جي ڊي پي بهتر ٿيندي.جميل احمد چيو ته وڏي پيماني تي پيداوار ۾ بهتري آئي آهي. گردشي نوٽن ۾ 400 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته مارچ کانپوءِ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيندي، ايندڙ مهينن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي سود جي شرح واري سخت پاليسي سبب ٿيندي، ملڪ ۾ تيل ۽ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. هن چيو ته اسان جي مانيٽري پاليسي جو رجحان سخت رهندو، آءِ ايم ايف کان اسان جي مانيٽري پاليسي جي ڪنهن به سطح جو تعين ناهي ڪيو ويو.جميل احمد چيو ته اسان جي ماهوار درآمدات ۾ 800 ملين ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي، حقيقي درآمدي طلب پوري ٿي رهي آهي.










