مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)مانجهند تعلقي کي گئس ڏيو حبيب الله موڙ تي علامتي بک هڙتال ڪري رڍن اڳيان رباب وڄائي انوکو احتجاج ڪيو ويو بنيادي حق نه مليا ته اڻڄاتل مدي تائين ڪمپني جي گيٽ آڏو ڌرڻي هنيو ويندو .مانجهند تعلقي کي گئس ڏيارڻ لاء قدرتي وسيلن لاء جدوجهد ڪميٽي طرفان حبيب الله موڙ تي علامتي بک هڙتال ڪري رڍن اڳيان رباب وڄائي انوکو احتجاج ڪيو ويو ڊي سي ڄامشورو ڪمپني انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا ڳولي ڏيو جي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ڪميٽي ڪنوينر خدا بخش ٿيٻو سڌير رند محمد ملوڪ ٿيٻو غلام محمد لاشاري حق نواز مڱڻھار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت تڪ جو ايم اين اي سڪندر راهپوٽو ضلع جي سوشل فنڊ ڪميٽي جو چئرمين پڻ آھي پر تعلقي مانجهند ۾ ھڪ به اسڪيم نه ملي سگهي آھي انڙپور ۽ علي آباد مان وڏي مقدار ۾ گئس دريافت ٿي آھي پر تعلقي مانجهند جي 3 لک آباد گئس جهڙي نعمت کان محروم آھي ڊي سي ڄامشورو ۽ يو اي پي ڪمپني لکت ڪيل معاهدي تان ڦري ويا آھن علائقي واسين کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو احتجاجن ۾ گذري ويو آھي پر چونڊيل نمائندا ڪامورا ۽ ڪمپني انتظاميا انڌا گونگا بڻجي علائقي جي عوام جا اهم مسلا ٻڌڻ لاء تيار ناهن جنهن سبب کين رڍن آڏو رباب وڄائيندي احتجاج تي مجبور آھيون هنن وڌيڪ چيو ت مقامي بي روزگارن بجاء ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو آھي زمينن تي قبضا ڪري بنا معاوضو ڏئڻ جي اچ وڃ جا لنگه بند ڪري ڇڏيا آھن کين تحريڪ تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن پر هو پنهنجي بنيادي حقن تان هرگز دستبردار نه ٿيندا هنن چتاء ڏنو ته مطالبا تسليم نه ٿيا ته عورتن ٻارڙن سميت ڪمپني جي مکيه گيٽ آڏو اڻڄاتل عرصي تائين ڌرڻو هنيو ويندو










