مال پڙين تي پابندي، ويڪسين ۽ اسپري جو حڪم

مال پڙين تي پابندي، ويڪسين ۽ اسپري جو حڪم

شڪارپور (عبدالخالق سومرو)چوپائي مال جي وائرل بيماري لمپي اسڪن جي پکيڙ جي پيشِ نظر شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري ڊاڪٽر گلبهار ناريجو ٻڌايو ته هيل تائين شڪارپور ۾ لمپي اسڪن جو ڪوبه ڪيس ظاهر ناهي ٿيو، تنهن باوجود هن بيماريءَ کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ قدم کڻي رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته هيءَ بيماري آفريڪا کان ٿيندي انڊيا ۽ پوءِ سنڌ پهتي آهي ۽ هن وقت ڪراچي، ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي علائقن ۾ چوپائي مال خاص طور تي ڍڳين کي متاثر ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن وقت تائين سنڌ اندر 20 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 64 جانور مري چڪا آهن. هن ٻڌايو ته هيءَ بيماري وائرس سبب پکڙجي ٿي، جيڪو وائرس مکِ يا مڇر ۾ موجود آهي ۽ انهن جي چڪ پائڻ سان جانورن ۾ بيماري ٿئي ٿي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته شڪارپور ۾ هن وقت ڍڳين جو تعداد ڏيڍ لکُ آهي ۽ انهن جا وڏا فارم اڳوڻو ضلعي ناظم عارف خان مهر وزير آباد ، ايم اين اي پ پ پ ضلعي شڪارپور صدر مير عابد خان ڀيو، جاڳڻ جا آهن. جڏهن ته سلطان ڪوٽ سميت ٻين علائقن ۾ به فارم آهن. هن ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر جي حڪم تحت مال پڙين تي پابندي لڳائي آهي ۽ ڀاڳين کي سندن فارم ۾ مڇر ۽ مکِ  مار اسپري ۽ چونو هارڻ بابت چيو آهي ۽ ضلعي اندر 20 ٽيمون تشڪيل ڏئي آگاهي مهم شروع ڪئي آهي. جنهن ۾ 10 وٽنري ڊاڪٽر ۽ 45 ٽيڪنيڪل اسٽاف شامل آهن. هن ٻڌايو ته ضلعي اندر 22 جانورن جون اسپتالون پڻ ڪم ڪري رهيون آهن، گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر مال پڙين لڳائڻ تي هڪدم پابنديءَ جو حڪم ڏنو ۽ انهن جي نگراني ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ٻي طرف ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ضلعي اندر سڀني ٽائون ڪاميٽيز، ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور ۽ لوڪل گورنمينٽ جي آفيسرن کي مڇر ۽ مکِ مار اسپري ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر چيو ته هن اينيمل هسبينڊري کاتي کي الرٽ ڪيو آهي ۽ هو روزانو جي بنياد تي رپورٽ وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ميڊيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ آگاهي مهم ذريعي مالوندن کي آگاهي ڏني وڃي ته هو مڇر مار اسپري ڪرائن ۽ دونهو ڪرائن. هن چيو ته هن وقت تائين هن مال جي بيماريءَ جو علاج فقط بچاءٌ آهي ڇو ته هن بيماريءَ جي ويڪسين ٻاهرين مالڪن مان گهرائڻي پوندي. اجلاس ۾ اينيمل هسبينڊري جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو