مال جي ڀيل تان جهيڙولٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب11 ڄڻا زخمي

مال جي ڀيل تان جهيڙولٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب11 ڄڻا زخمي

مبارڪپور (ن سنڌيار) مبارڪپور  ڀرسان ڳوٺ نظير  چانگ ۾  مال جي ڀيل تان ڪٽبار ۽ چانگ برادري جي ڌرين ۾ جهڙو  ٻنهي ڌرين جا لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب  11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پوليس ليٽر ڏئي علاج لاء تعلقه اسپتال رفر ڪري ڇڏيو. مبارڪپور لڳ ڳوٺ نظير چانگ ۾ فصل ۾ چوپايو مال گهري پيو جنهن جي نتيجي ۾ چانگ ۽ ڪٽبار برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪٽبار برادري جا 5 ڄڻا نظير احمد ڪٽبار، نبي بخش،گل حسن ۽محمد نواز ڪٽبار چڏھن ته چانگ برادري جا 6 ڄڻا   شبير احمد چانگ .حوبدار .محمد نواز. شاهنواز ،سراج احمد ،احمد علي چانگ  سميت ٻنھي ڌرين جا 11ماڻھون زخمي ٿي پيا آهن ٻنھي ڌرين جي زخمين کي وارث مبارڪپور ٿاڻي ٿي کڻي آيا، جڏھن ته زمين ڪٽبارن جي آھي مال چانگ برادري جو ۽ علائقي ۾ اھي به چؤٻول آھن ته ڪجھ وقت اڳ ۾ چانگ برادري چوري جي الزام ۾ ڪٽبار برادري جي مٿان اين سي داخل ڪرائي ھئي ، پوليس معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ته  في حال  ٻنهي ڌرين جي زخمين کي فوري طور تي ليٽر ڏئي علاج لاءِ تعلقه اسپتال موڪلي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ ھو ته مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿيو آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا  ھن وقت تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھي ڪيو ويو پوليس جو چوڻ ھو ته ڌريون اينديون ته ڪيس داخل ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو