مارشل لا مڙهيندڙ ڏکڻ ڪوريا جو صدر گرفتار، جاچ شروع

مارشل لا مڙهيندڙ ڏکڻ ڪوريا جو صدر گرفتار، جاچ شروع

سيئول(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ ڪوريا جي اختيارين اربع تي بغاوت جي الزامن تي مواخذي جي صدر يون سڪ يول کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن 3 ڊسمبر تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو هو جنهن جو سبب هن ملڪ ۾ خونريزي کي ٽارڻ ٻڌايو هو. ڪرپشن جي مختلف اسڪينڊلز ۾ ملوث ڏکڻ ڪوريائي صدر 2022 جي عام چونڊن م معمولي برتري بعد صدر چونڊيو ويو هو. 45 سالن جي جمهوري راڄ بعد سندس لاڳو ڪيل مارشل لا پارلياامينٽ رد ڪندي سندس احتساب ذريعي هٽايو هو. ايشيا جي هڪ متحرڪ جمهوريت ۾ هونئن تي سياسي اڳواڻڻ جي گرفتارين جي ڊگهي تاريخ آهي پر ويجهڙائي ۾ پهريون موقعو آهي ته ڪنهن صدر کي گرفتار ڪيو ويو هجي. کيس گهر ۾ قيد رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو