واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سافٽ ويئر ڪمپني مائيڪرو سافٽ پنهنجي ملازمن کي مستقل طور گهران ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪمپني چيو آهي ته ڪورونا جي وبا سبب ايندڙ سال جنوري تائين آمريڪا ۾ آفيسون نه کلنديون في الحال سڀ ملازم گهران ڪم ڪندا. جنهن بعد مستقل طور گهران ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. جيڪو ملازم مستقل طور گهران ڪم ڪرڻ جو آپشن حاصل ڪندو ان جي ڪمپني ۾ ورڪ اسٽيشن ختم ڪئي ويندي پر ٽچ ڊائون جي سهولت مهيا هوندي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته گهران ڪم ڪندڙ ملازم آفيس جي ڀيٽ 50 سيڪڙو کان به گهٽ ڪم ڪندا ۽ ان ڏس ۾ ڪمپني ملازمن جي مالي فائدن ۾ به گهٽتائي ڪندي.










