مائينس ون، قومي حڪومت يا نيون چونڊون، اعجاز ممنائي

بجيٽ جي منظوري وقت مخالف ڌر پاران گو عمران گو ۽ نامنظور نامنظور جا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا. سنڌيء ۾ چوندا آھن ته جهڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي، ماضيءَ ۾ ان ساڳي عمران خان گو نواز گو جا نه رڳو نعرا لڳرايا پر باقاعده تحريڪ ھلائي نواز شريف کي گهر ڀيڙو ڪيو ھو ۽ مائنس ون فارمولو آڻي شاھد خاقان عباسيءَ کي ملڪ جو نئون وزيراعظم بڻايو ويو ھو. ائين ھر پارٽيءَ اندر اھو سسٽم رائج ٿيندو رھيو ايم ڪيو ايم اندر مائنس ون فارمولو آيو ته الطاف حسين کي آئوٽ ڪيو ويو ۽ پاڪ سرزمين پارٽي وجود ۾ آئي ان مائنس ون فارمولي تحت نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيء اندر به ڪوششون ٿينديون رھيون آھن نواز شريف جي جاء تي شھباز شريف يا سندس نياڻي مريم نواز کي ميدان ۾ آندو ويو جڏھن ته پيپلز پارٽيء اندر آصف زرداريء جي جاء تي سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي مڪمل اختيار ڏيئي اڳتي آڻڻ جون ڪوششون ٿينديون رھيون آھن پر اڃان تائين انھن ڪوششن رنگ نه لاتو آھي ھن وقت پي ٽي آئي اندر به کوڙ ساريون رنجيدگيون ڏسڻ ۾ آيون آھن سندس اتحادين  ۾ ڦڙڦوٽ ۽ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا آھن جنھن ڪري اصل ڌڻي ڌر فائدو وٺي مائنس ون فارمولي کي پي ٽي آئي ۾ به رائج ڪرڻ تي زور ڏيئي رھيا آھن ۽ عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪري ڪنھن ٻئي کي وزارت عظميٰ جي ذميواري ڏيڻ جون ڳالهيون هلن پيون. ان جو سبب اھو آھي جو ٻن سالن اندر عمران خان جي ڪارڪردگي ملڪ ۽ قوم لاء ھاڃيڪار ثابت ٿي آھي ٻن سالن اندر ھڪ پاسي قرض جي شرح وڌي آھي ته ٻئي پاسي سندس غيرسنجيدگيءَ سبب ملڪ مھانگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌڪبو رھيو آھي جنھن ڪري ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آھي پئٽرول جون قيمتون عالمي مارڪيٽ کان ڏھوڻ تي مٿي ٿينديون پيون وڃن ڪالم لکندي خبر آئي ته ھڪ ڀيرو وفاقي حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ تي ٻيهر غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب پيٽروليم ڊويلپمينٽ ليوي ۾ 10 روپيه في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي. ليوي گهٽ ٿيڻ سان پيٽرول جي اگهه ۾ 10 روپيه في ليٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي. 26 جون تي حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ 25 روپيه في ليٽر واڌ ڪئي هئي جنهن تي عوام طرفان سخت رد عمل نظر آيو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻن سالن جي دوران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيترائي ڀيرا هيٺ مٿانهين ڪئي آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ سبب پيٽرول پمپ مالڪن پيٽرول جو وڪرو بند ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب پيٽرول جي کوٽ واري صورتحال پيدا ٿي وئي هئي.حڪومت 26 جون 2020 تي 25 روپيه واڌ سان گڏ پيٽرول جي قيمت 100 روپيه في ليٽر مقرر ڪئي هئي جنهن سان پيٽرول جي مصنوعي کوٽ ختم ٿي ۽ هاڻ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر قيمتن ۾ لاٿ تي غور ڪري رهي آهي. اصل حقيقت ته اها آهي ته ڪابينا ۾ شامل وزيراعظم جي هڪ دوست جي ڪمپني کي به ان سان اربين روپين جو فائدو پهتو آهي. ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي. جڏھن ته کنڊ بحران ڪميشن جو ڊرامو ٺاھي اربين روپيا ضبط ڪيا ويا اٽي جو بحران توڙي ڪڻڪ جو بحران چوٽ چڙھيل آھي اسيمبليء اندر سياسي ڄنڊاپٽ ويتر ملڪي ماحول کي خراب ڪري رھي آھي ملڪي خارجه پاليسيء مان خود پاڻ ئي مطمئن ناھي. ويتر اسامه بن لادن جنهن کي دنيا دهشتگرد سڏي ٿي ان کي عمران خان شهيد سڏي نئون پنڊوڙا باڪس کوليو. ملڪ اندر دھشتگرديٍءَ جي نئين لھر عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي اسٽاڪ ايڪسچينج واري حملي ۾ دھشتگردن جي مارجڻ تي ڀلي فخر ڪيو وڃي پر سوچڻ جي ڳالھه اھا آھي ته دھشتگرد اسٽاڪ ايڪسچينج اندر اداخل ڪيئن ٿيا ان ۾ ڪنھنجون ڪوتاھيون ھيون انھيءَ تي توجه ڏيڻ جي ضرورت آھي جيڪڏهن ڀارت ان حملي ۾ ملوث آھي ته سوال اهو آهي ته اسان جا انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ادارا ڪھڙي ڪم ۾ مصروف آھن جو ملڪ اندر افراتفري کي نه ٿا روڪي سگهن ۽ نه ئي اڳواٽ ڄاڻ مھيا ڪري ٿا سگهن ان سڄي صورتحال کي مد نظر رکندي مخالف ڌر ان جو فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. حالانڪ اپوزيشن ڪمزور ۽ ڇڙ وڇڙ آهي پر حڪومت جون پنهنجون ڪوتاهيون کين ڪمزور ڪن ٿيون. بلاول ڀٽو ۽ شھباز شريف ۾ ماضيءَ جا ڪجھ اندروني اختلاف موجود آھن کين ھڪٻئي تي اعتماد ناھي نواز شريف ملڪ کان ٻاھر آھي آصف زرداري کي ڪيسن ڪراڙو ڪري ڇڏيو آھي ۽ اسيمبليء ۾ اچڻ يا سياسي طور سرگرم ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. بلاول ڀٽو ناتجربيڪار سياستدان آھي جڏھن مولانا فضل الرحمٰن اسيمبليءَ کان ٻاھر ويٺل آھي انڪري ايوان اندر تبديلي آڻڻ تمام گهڻو ڏکيو عمل آھي عمران خان واري دعوت اھو  ثابت ڪيو ته سندس پارٽيءَ اندر ڪوبه سندس باغي ڪونھي ڇوته کين اقتدار قسمت سان مليو آھي جيڪڏھن سندن حڪومت کسجي ويئي ته ٻيھر ملڻ مشڪل آھي ڇوته ھن وقت تائين ڪوبه وزير پنھنجي تڪ ۾ ڪابه اسڪيم ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهيو آھي ان ڪري روايتي سياستدانن وارو رويو برقرار رکيو اچن جڏھن ته  عمران خان پاڻ به شدت وارو رويو روا رکيو پيو اچي جنھن جو تازو مثال سندس سنڌ وارو ٻن ڏينھن جو سرڪاري دورو آھي جنھن ۾ پاڻ سنڌ جي وڏي وزير سان ملڻ گوارا نه ڪيو ڀلي سياسي اختلاف ڪھڙا به ھجن پر ھڪ ملڪ جي وزيراعظم کي سڀ سياسي اختلاف پاسي تي رکي ملڪ جي عوام لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي پر ھن مھل تائين عمران خان اھو ظاھر ڪيو آھي ته پاڻ ملڪ جو وزيراعظم نه پر PTI جو وزيراعظم آھي سندس ان روش ملڪي عوام ۾ سندس مقبوليت وڃائي آھي ان لاءِ ضروري آھي ته مائنس ون فارمولو رائج ٿئي جيڪو ملڪ ۽ قوم لاء ڪارائتو ثابت ٿيندو ڇوته عمران خان کي ڪرڪيٽ ۾ ته تجربو حاصل آھي پر سياست ڪرڻ ۽ حڪومت ھلائڻ لاء وڏا ذھن ۽ ٽيڪنيڪل ماڻھو گهرجن. حڪومت کي ٿڌائپ مان ڪم وٺڻ گهرجي پر ڪجهه وزيرن جو جارحاڻو رويو ڏسي لڳي ٿوته هنن کي گهر ڀيڙو ٿيڻ جي جلدي آهي. لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ به مايوس ٿي وئي آهي شايد تڏهن مائنس ون جون ڳالهيون هلن ٿيون ۽ هڪ راءِ اها به آهي ته قومي حڪومت جوڙي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ سوال اهو آهي ته ڇا نواز ليگ يا پيپلز پارٽي ايتري بڇڙائپپ بعد وري کين ڪلهو ڏيندا؟ اهوئي سبب آهي ته ڪجهه تجزيه ڪار لکن پيا ته اسٽيبلشمينٽ ته هوڪا ڏيندي پئي وتي پر ڪو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته پوءِ نيون چونڊون ڪرائڻ کانسواءِ ڪو به حل نظر نٿو اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو