آئين موجب صوبن جو اين ايف سي ۾ حصو نٿو گهٽائي سگهجي

آئين موجب صوبن جو اين ايف سي ۾ حصو نٿو گهٽائي سگهجي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئين ۾ واضح آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي نه پر اضافو ڪري سگهجي ٿو. امن امان جي حوالي سان جتي به اسان کي بهتر محسوس ٿيندو اتي ضرور بدليون ڪنداسين ۽ جيڪي به بهترين آفيسر مقرر ڪيا ويندا انهن جا نتيجا به نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ آفيس جي اڳڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. جنرل سيٽن لاءِ 9 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. سينيٽ جون چونڊون ڳجهي ووٽنگ ذريعي ڪرايون وينديون آهن ته جيئن هر ووٽر پنهنجي مرضي مطابق ووٽ ڏئي سگهي، جڏهن ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي چونڊ کليل هوندي آهي ته جيئن ڪو به ميمبر پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي نه ڪري. وڏي وزير چيو ته اهو لاجڪ سمجھ ۾ نٿو اچي ته ووٽ گهٽ مليا يا وڌيڪ مليا. هن چيو ته اميدوارن جي حتمي لسٽ ڇنڊڇاڻ کانپوءِ جاري ڪئي ويندي. ڪوشش ڪنداسين ته وڌ کان وڌ سيٽون حاصل ڪيون. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته اسان 12 مان 12 سيٽن تي ڪاميابي ماڻيون. اين ايف سي ايوارڊ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وفاق کي چيو آهي ته نئون اين ايف سي ايوارڊ متعارف ڪرايو وڃي. وڏي وزير چيو ته موجوده اين ايف سي ايوارڊ 2010ع موجب ڏنو پيو وڃي جڏهن ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ ان ۾ تبديلي اچڻ گهرجي ڇو ته ان آئيني ترميم کانپوءِ صوبن کي وڌيڪ خودمختيار ۽ ذميوار بڻايو ويو آهي. هن چيو ته اسان 9 جنرل سيٽن تي اميدوار بيهاريا آهن. جن مان ٽي عورتون، ٽي ٽيڪنوڪريٽ، هڪ وڪيل ۽ ٻه اقليتي آهن. هن چيو ته ارسا جو مسئلو قومي اسيمبلي جو آهي. پي ٽي آءِ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ وٽ شايد ڪو سياستدان ناهي بچيو يا انهن وٽ سياستدانن جي کوٽ آهي، جڏهن ته وڪيلن، ڊاڪٽر يا انجنيئرن جو ڪو به مقابلو ناهي، هو جنهن کي چاهين چونڊن ۾ آڻي سگهن ٿا پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سندن سموري پارٽي صرف هڪ شخص کي مقدس سمجهندي آهي نه ڪي عوام کي. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو طريقو هاڻي تبديل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو طريقو 18هين آئيني ترميم کان اڳ جو آهي ۽ جيستائين نئون ايوارڊ نه ايندو تيستائين پراڻي طريقي تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وفاق جو پنهنجو نقطو آهي، ٿي سگهي ٿو وفاق وٽ وسيلن جي کوٽ هجي پر ايوارڊ جي طريقي ۾ تبديلي لاءِ اين ايف سي فورم ۾ آواز ضرور اٿارينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو