لڪي مروت ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا 2 اهلڪار زخمي

لڪي مروت ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا 2 اهلڪار زخمي

لڪي مروت(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ سومر تي پوليس پاران دهشتگردي خلاف آپريشن دوران ٻن آپگهاتي بمبارن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ دهشتگرد فائرنگ ۾ مارجي ويو. مقامي پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پاران لڪي مروت جي ڳوٺ پهاڙ خيل ٿل ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران ٻن آپگهاتي بمبارن سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن جي فائرنگ ۾ سي ٽي ڊي جا ٻه اهلڪار انسپيڪٽر جاويد ۽ اي ايس آءِ عرفان پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو