ليگي اڳواڻ سينيٽر مشاهدالله خان لاڏاڻو ڪري ويو

ليگي اڳواڻ سينيٽر مشاهدالله خان لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جو سينيٽر ۽ سينيئر سياستدان مشاهد الله خان لاڏاڻو ڪري ويو، مشاهد الله خان ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد اسلام آباد جي اسپتال ۾ دم ڏنو، سندس پٽ عفنان الله موجب جنازي نماز اڄ اسلام آباد جي ايڇ اليون جي قبرستان ۾ ظهر جي نماز بعد ادا ڪئي ويندي، 68 سالن جي ڄمار وارو مشاهد الله خان اسلاميه هاءِ اسڪول راولپنڊي ۾ ابتدائي تعليم پِرائِي ۽ اردو لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، مشاهد الله خان ساهه جي آخري گهڙي تائين نواز ليگ سان سلهاڙيل رهيو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز، مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندن جماعت هڪ وفادار ۽ سينيئر اڳواڻ کان محروم ٿي وئي، هن چيو ته ڪو به مشاهد الله خان نٿو ٿي سگهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا، سيد نيئر بخاري، نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير، پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻين سياسي اڳواڻن طرفان به سينيٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو