لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف وٽ مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو فارمولو آهي.هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ليول پلينگ فيلڊ بابت روئيندڙن دهشتگردي جا پرچا ڪرايا ، جنهن لاءِ عدالت ۾ پيش ٿي آهيان،هن چيو ته نواز شريف وٽ مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو فارمولو آهي، نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ آيو ته نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون، مهنگائي مان ڇوٽڪارو ۽ روزگار فراهم ڪرڻ اسان جي منشور جو حصو آهي.ن ليگ ترجمان پي ٽي آءِ جي باني کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته لاڊلا ٺاهڻ وارا اڄ به ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهن.مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ (ن) سياسي اتحاد ٺاهيو آهي، اسان ڪنهن کي ٽڪيٽ نه ڏني آهي، اسان جي سياسي اتحادين جي مرضي آهي ته هو جنهن کي چاهي ٽڪيٽ ڏين.










